حاجي رحيم بخش ميمڻ

حاجي رحيم بخش ميمڻ

حاجي رحيم بخش ميمڻ

حاجي رحيم بخش ميمڻ: ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رحيم بخش ولد حاجي محمد بخش ميمڻ 16 جون 1918ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1936ع ڌاري نور محمد هاءِ اسڪول مان انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪيائين. هيءُ ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هوندو هو، ڪاليج ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي مضمون نـويـسيءَ ۾ پـهريـون نمـبـر آيـو. 1938ع ڌاري نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. کيس 1941ع ۾ ترقي ڏئي ليڪچرار طور ٽيچرس ٽرينـنگ ڪاليـج حيـدرآباد ۾ مـقـرر ڪيو ويو. 1948ع ڌاري مانٽيسوري ميٿڊ ٽيچنگ چلڊرين اسپيشلائيزيشن جو ڊپلوما ڪورس هندستان جي شهر مدراس مان ڪيائين، جتان 1952ع ڌاري واپس وطن آيو. کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي نمبر 1 حيدرآباد ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتي 1962ع تائين فرض سر انجام ڏنائين. بي. ايڊ ڪرڻ بعد هن 1965ع ڌاري ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. ان بعد کيس ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تان 1972ع ڌاري رٽائر ٿيو. هي ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري به رهيو. هن 1970ع ڌاري ورلڊ اسڪائوٽ ڪانفرنس ٽوڪيو، جپان ۾ چيف اسڪائوٽ سنڌ طور شرڪت ڪئي. 1971ع ڌاري ورلڊ بئنڪ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪيائين. هـن تعلـيـم بابـت ڪيـتـرائي ڪتـاب لکـيا، جـن ۾: (1) ’فـزيـالاجـي‘، (2) ’هائيجن‘ ۽ (3) ’هڪ سٺو استاد ٿيڻ جي لاءِ ڇا ضروري آهي‘ شامل آهن، ان کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ تعليم بابت مضمون لکيائين. اخبار تعليم جو اعزازي ايڊيٽر به رهيو. هن 22 اپريل 1994ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.06.16  عيسوي

ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رحيم بخش ولد حاجي محمد بخش ميمڻ 16 جون 1918ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1994.04.22  عيسوي

حاجي رحيم بخش ميمڻ 22 اپريل 1994ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـبدالغـنـي شهـيـد
سمو غلام مصطفيٰ مشتاق
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
خانزئي مولوي غلام محمد
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
آگرو عبداللطيف
سلطان علي خان ٽالپر
الاهي بخش ٻانڀڻ2
حاجي ولي محمد نظاماڻي
دائود بن يزيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون